چيھو ڪارو- ڳاڙهو

چيھو ڪارو- ڳاڙهو

چيھو ڪارو- ڳاڙهو

چيھو ڪارو- ڳاڙهو(Small Minivet /Pericrocotus cinnamomeus) : هي ننڍڙو پکي 16 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿيندو آهي. ان ۾ هنڌ هوندو آهي ۽ ماڳ سبب رنگ جو فرق هوندو آهي ۽ نر ماد جا ’رنگ به جدا جدا ٿيندا آهن. نَر جو مٿيون رنگ گهري سرمائيءَ کان هلڪو سرمائي ٿئي ٿو. ان جـو ڳـچـيءَ جـو رنگ گـهـرو سرمائي، پر ڪار سرد ٿيندو آهي، جڏهن ته پيٽ گهري نارنگي رنگ کان وٺي اڇي رنگ تائـيــن ٿيـنـدو آهــي. ماديءَ جو پيٽ نارنگي هيڊو رنگ ۽ اڇاڻ مائل ٿيندو. هن چيهي جو ٻچو ماديءَ جهڙو ٿيندو آهي، پر ان جا مٿيان حصا هلڪي رنگ جا ٿيندا آهن. هن پکيءَ جي ٻولي تيز آواز ”سُوئي ... سُوئي ...“ وانگر آهي. هن جي لَڳ جي مند فبروري کان آڪٽوبر تائين آهي. چيهي جو آکيرو ننڍڙي پيالي وانگر هوندو آهي، جيڪو عام طور وڻ تي مٿي ٺاهيندو آهي. هي پکي ڏسڻ ۾ ڪاري-ڳاڙهي ڦِدي (Black-Redstart) جهڙو آهي، پر اُن جي پرن تي پاسي کان نـارنگـي ۽ هيـڊا کـنڀ هـوندا آهـن ۽ ڳـچـيءَ وارو ڪـارو حـصـو گهـٽ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو